ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ميرواهه گورچاڻي شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھندو ديوان سيٺ پريم چند جي وڏي هاڪ هند توڙي سنڌ تائين ٻڌي ويندي هئي، انهيءَ دور کان وٺي اڄ تائين ميرواهه گورچاڻي شهر ۾ ڪاريا قبيلو رهائش پذير آهي، مارواڙي ٻولي ڳالهائيندڙ هن قبيلي جي ميرواهه گورچاڻي شهر ۾ ڪاريا بازار هوندي هئي، جنهن ۾ تقريبن پنجاهه جي لڳ ڀڳ ڪارين جا هٿ جي هنر ڪوڏر، ڪهاڙي، ڏاٽا، کيهڙو سميت انيڪ زراعت سان واسطو رکندڙ اوزار ٺاهڻ جا دوڪان ۽ انهن سان گڏ کين رهڻ لاءِ گهر پڻ هوندا هئا. ڪاريا قبيلي جي هٿ واري هنر کي جديد دور جي ٽريڪٽر تمام گهڻو ڌڪ رسائي کين تمام گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ڪاريا قبيلي جي هٿ سان ٺهندڙ ڪوڏر، ڪهاڙي کيهڙو، ڏاٽي جو ڪم گهٽجڻ ۽ ڪارين ۾ تعليم نه ھجڻ سبب ڪاريا قبيلي ۾ مايوسي سان گڏ منشيات جو تيزيءَ سان ڦهلجڻ روزانو ڪم جو اثر گهٽجڻ ڪري ڪاريا قبيلو عروج بدران زوال پذير بڻجي ويو، ڪاريا بازار ۽ ڪروڙين رپين جي ماليت جا دڪان ۽ گهر پنهنجي بي سمجهي، گهٽ تعليم سبب اٻوجهه ماڻهن شهر جي سيٺين اڪثر چوڌري آرائين برادري ۽ چند دوڪان ۽ گهر سومرا برادري جي ماڻهن کي ڀڳڙن جي مٺ ڏئي هاڻ ڪرائي جي جڳهن ۾گهر توڙي دڪان مسواڙ تي رهي رهيا آهن.