ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڏکڻ آفريڪا هٿان ڀارت جي شڪست تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرٿ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي آسانيءَ سان 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان حوالي سان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ هڪ نجي ٽي وي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي دعويٰ ڪئي ته ڀارت ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستان اڳتي وڃي. هن جو چوڻ هو ته ڀارت تمام خراب فيلڊنگ ڪئي، جيڪڏهن ڀارتي رانديگر ٿوري به سٺي فيلڊنگ ڪري وٺن ها ته ميچ نه هارائن ها، جيڪي ڪيچز هنن ڊراپ ڪيون اهڙيون ڪيچون ڊراپ ٿيڻ واريون ناهن هونديون. سليم ملڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هميشه هڪ ٻئي جا حريف رهيا آهن، ڀارتي ٽيم ميچ جي شروع ۾ ٿورو جوش ۽ جذبو ڏيکاريو پر هنن جيڪا فيلڊنگ ڪئي ان تي مونکي ٿورو شڪ آهي، ڀارت ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستاني ٽيم اڳتي اچي.