برسبين (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ ميزبان آسٽريليا آئرلينڊ کي 42 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ آئرلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنز ٺاهيون. ڪپتان ايرون فنچ 63 ۽ اسٽوئنس 35 رنز ٺاهي نمايان رهيا. انگلينڊ طرفان بيري مڪارٿي 3 ۽ جوش لٽل 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. آئرلينڊ ٽيم 18.1 اوورن ۾ 137 رنز تي ڍير ٿي وئي. لورڪن ٽڪر 71 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز، گلين ميڪس ويل، مچل اسٽارڪ ۽ ايڊم زمپا 2-2 وڪيٽون ورتيون. ايرون فنچ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.