نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت طرفان ڪرڪيٽ کي اولمپڪ گيمز جو حصو بڻائڻ جي حمايت، ان ڏس ۾ پرڏيهي خابرو اداري موجب آءِ سي سي ٽي  20فارميٽ کي 2028 جي اولمپڪ گيمز ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، ان کان پهرين 1900 ۾ ڪرڪيٽ کي پيرس ۾ منعقد  ٿيل اولمپڪ گيمز ۾ شامل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته ان کان پهريان بي سي سي آءِ ڪرڪيٽ کي اولمپڪ گيمز ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جي خودمختياري ختم ٿي ويندي ۽ انکي اولمپڪ ڪاميٽي اڳيان جواب ڏيڻو پوندو.پر هاڻ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو موقف تبديل ڪيو آهي، بي سي سي آءِ عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ جي اولمپڪ گيمز ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سمورن پاسن تي غور ڪيو پيو وڃي.