مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) ٿر ڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڊرائيور پاران ڀيل برادري جي نينگر تي تشدد ڪري سندس ڌرم کي گٿا لفظ ڳالهائڻ واري وڍيو سوشل ميڍيا تي وائرل، عوام ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو، وڏي وزير، صدر ۽ آءِ جي سنڌ پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد جوابدار بدين ضلعي جي شھر کوسڪي مان گرفتار، مٺي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ مذھبي انتشار ڦھلائڻ جو ڪيس داخل، رپورٽ موجب ضلعي ٿرپارڪر جي شھر مٺي ڀرسان ٿرڪول ايريا بلاڪ ون ۾ نوڪري ڪندڙ ڊرائيورعبدالسلام ابو دائود پاران رستي تان ڀيل برادري جي نينگر مڪيش ڀيل کي پڪڙي تشدد ۽ تذليل بعد سندس ڌرم کي گٿا لفظ ڳالهائڻ واري وڍيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي، اهڙي وڍيو وائرل ٿيڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صدر پاڪستان عارف علوي ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ ٻين پاران معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ويو ۽ جوابدار خلاف ڪارروائي جون مقامي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ويون، جنهن بعد ٿرپارڪر پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار عبدالسلام ابو دائود کي بدين ضلعي جي شھر کوسڪي مان گرفتار ڪري ورتو، جوابدار اصل پنجاب ۽ موجوده وقت کوسڪي جو رهائشي ٻڌايو وڃي ٿو، گرفتار جوابدار خلاف مٺي ٿاڻي تي ايس ايچ او محمد سومار مڱريو جي سرڪاري فرياد تي مذھبي انتشار ڦھلائي مذھبن وچ ۾ نفرتون پکيڙڻ ۽ مذھب جي توهين ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته مذھبي انتشار ڦھلائڻ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار عبدالسلام ابو دائود کي گرفتار ڪيو آھي، جوابدار ڳوٺاڻي نينگر مڪيش ڀيل تي تشدد ڪري ٻن مذھبن وچ ۾ نفرتون ڦھلائڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون، هن چيو ته پوليس هنگامي بنيادن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي ۽ جوابدار کي ان جي ڏوھ جي سزا ضرور ملندي، هن چيو ته مذھبي نفرتون ڦھلائي ٿر جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، ٿر امن ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري جو ديس آھي، اتي اهڙيون حرڪتون ناقابل برداشت آھن، هن چيو ته شروعاتي جاچ ۾ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آھي، واقعي ۾ ملوث ھڪ فرد آھي يا گينگ ان جي جاچ جاري آھي. هن چيو ته واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ جو وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پڻ نوٽيس ورتو آھي ۽ ڪارروائي جون هدايتون ڏنيون آھن. هوڏانهن تشدد ۽ مذھبي تذليل جو شڪار ميوارام ڪالوني مٺي جي رهواسي متاثر نينگر مڪيش ڀيل ٻڌايو ته آئون اسلام ڪوٽ روڊ تان مٺي گهر اچي رهيو هوس ته ويگو گاڏي ۾ سوار اڪيلي شخص منهنجو موٽر سائيڪل روڪي سخت مارڪٽ ڪئي ۽ مون کي موتمار ڌمڪي ڏئي منهنجي مذهب کي گٿا لفظ ڳالهايا ۽ مون کي چيو ته تون به پنهنجي ڌرم کي گٿا لفظ ڳالهاءِ، هن چيو ته مون کي ڄاڻايل شخص ڌمڪي ڏني ته ڪنهن سان به ڳالهه ڪئي ته تنهنجي پوري خاندان کي ماري ڇڏيندس، ان ڪري آئون 15 ڏينهن کان خوف وچان گهر ۾ ويٺل هوس، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.