اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران سان سعودي وفد جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ڪالهه سعودي جي پرڏيهي وزير فرحاد بن فيصل جي اڳواڻي ۾ وفد وزيراعظم عمران خان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سوڌو مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد ۽ شاهه سلمان لاءِ نيڪ تمنائڻ جو اظهار ڪيو ۽ خصوصي پيغام ڏنو، جڏهن ته سعودي عرب جَي پرڏيهي وزير فرحان بن فيصل پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان به ملاقات ڪئي، پاڪ-سعودي وچ ۾ وفدن جِي سطح تي به ڳالهيون ٿيون، ملاقات بعد سعودي جي پرڏيهي وزير سان گڏ شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جو موقف سٺو سنوڻ آهي، آزاد ۽ والاريل ڪشمير مامري تي سعودي عرب مشاورتي گروپ قائم ڪيو، سي پيڪ ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون آهن، سي پيڪ تي سعودي عرب ۽ مڊل ايسٽ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستانين جي لاءِ ويزا پابندين تي نظر ثاني ڪندو. گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود چيو ته ڳالهين جو مقصد واپار وڌائڻ هو پر علاقائي ۽ عالمي معاملا به ملي اڳيان وڌائينداسين. ان تي اتفاق ڪيو ته امن ۽ استحڪام معاشي خوشحالي جي چاٻي آهي.  ٻئي ملڪ ڪشمير مسئلو، فلسطين ۽ يمن سميت سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪندا. ملاقات ۾ افغان مسئلي تي به ڳالهيون ڪيون ويون.