اسلام آباد/ڪراچي (بيورو رپورٽ + اسٽاف رپورٽر) ٿر ۾ هندو نوجوان کي تشدد ڪري مذهبي انتشار پکيڙڻ واري معاملي بابت ڪنهن نوٽيس ورتو ۽ ڪنهن جي نوٽيس تي گرفتاري ٿي؟ ايوان صدر ۽ سنڌ سرڪار پاران ڌار ڌار دعويٰ ڪئي وئي ته انهن جي نوٽيس تي ڪارروائي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ايوان صدر جي ترجمان پاران ڄاڻايو ويو ته صدر علوي هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي هئي، صدر عارف علوي چيو آهي ته، اقليتن سان زيادتي آئين جِي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهڙا واقعا ملڪ جِي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، اهڙن واقعن جِي روڪٿام معاشري جي هر فرد جِي ذميواري آهي، آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٿر ۾ مذهبي انتشار پکيڙڻ واري شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪجهه ماڻهو ان معاملي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ٿر واقعي تي پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ ڪيس داخل ڪرائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته اسان پوليس کي چيو ته سرڪار جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري ان شخص کي گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته هندو برادري اسان جي پنهنجي برادري آهي هو پاڪستاني شهري آهن، انهن سان گڏ ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي.