ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جو پ پ اڳواڻ ۽ مقامي زميندار بابو عيسيٰ جڳسي 45 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته کيس 3 ڏينهن اڳ تيز بخار بعد علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو. صحت سڌرڻ بعد کيس 2 ڏينهن اڳ گهر آندو ويو، جتي طعبيت ٻيهر خراب ٿيڻ تي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو پئي ويو پر هو اسپتال پهچڻ کان اڳ اڌ رستي ۾ فوت ٿي ويو. جنازي نماز بعد مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پ پ پ ايم پي اي اعجاز شاهه بخاري، محمد نواز چانڊيو، پير احمد جان سرهندي، پيربخش چانگ، سلال شاه بخاري ۽ ٻين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.