اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ نيشنل پوليس فائونڊيشن ۾ شهيدن جي بيواهن لاءِ پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان جي بريت واري درخواست تي نيب مخالفت ڪري ڇڏي، شاهد خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ شاهد خان جي خلاف ڪو به ثبوت ناهي مليو، صرف اخبار جي خبر جي بنياد تي چيئرمين نيب پاڻمرادو نوٽيس ورتو، ٻنهي ڌرين جا دليل جاري هئا ته عدالت ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.