روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو جنوجي پوليس چوڪي جي حد ڳوٺ اصغر پنجابي ۾ گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب نوجوان شھباز گبول ۽ ٻارڙي عثمان گبول زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال روهڙي ۾ داخل ڪرايو ويو، ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي جو چوڻ هو ته جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آھي واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.