پڊعيدن مان مبينا طور ناري اغوا، ماءُ جو احتجاج

0
244

پڊعيدن (رپورٽر) پڊعيدن ۾ ڌيءُ جي بازيابي لاءِ ماءُ پاران احتجاج ڪيو ويو، لوڪوشيڊ ڪالوني مان رات دير سان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي صائمه ملڪ کي اغوا ڪري ويا، ناري جي ماءُ رضيه ملڪ احتجاج ڪندي چيو ته پرويز، حاجي، گلشير، سرور چانڊيو ۽ 4نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڌيءُ کي اغوا ڪري ويا، اين سي داخل ڪرائي آهي، هن چيو ته ڌيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ ساڙينديس.