ريلوي طرفان عيدالفطر تي 10خصوصي ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان

0
556

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز موجب، 8خصوصي ريل گاڏيون ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ هلايون وينديون، هڪ ريل گاڏي ڪراچي کان راولپنڊي، هڪ ڪراچي ۽ ملتان وچ ۾ هلائي ويندي، پهرين خاص ريل گاڏي اڄ رات 8وڳي کان ڪراچي کان لاهور جي لاءِ رواني ٿيندي، لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ 8، 9 ۽ 10 مئي تي به خاص ريل گاڏيون هلايون وينديون، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي راولپنڊي لاءِ خاص ريل گاڏي 11مئي ۽ ملتان لاءِ 12 مئي تي رواني ٿيندي، سمورين ريل گاڏين ۾ ڪورونا ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويندو.