پٿوري ڀرسان ٽن ٻارن جي ماءُ مبينا اغوا

0
258

پٿورو (ن پ ا) پٿورو: پٿوري ڀرسان بٺي تي ڪم ڪندڙ 3 ٻارن جي ماءُ ميلا شيخ مبينا اغوا ٿي وئي، جميلا شيخ سال اڳ مڙس ۽ ٻارن سميت اسلام قبول ڪيو هو، عورت جي مڙس دلشاد شيخ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان عمرڪوٽ شھر جا رھاڪو آھيون، سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندا آھيون، گذريل ڏينهن منهنجي زال خريداري لاءِ شھر وئي هئي جتان واپس ناهي موٽي، مونکي شڪ آھي ته اسان سان گڏ بٺي تي ڪم ڪندڙ عبدالڪريم چوھاڻ منھنجي زال کي اغوا ڪري ويو،واقعي جي اطلاع تي پوليس جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.