اوباش نوجوانن کان تنگ اچي عورت مدئجي ٿاڻي پهچي وئي

0
497

مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي غريب آباد محلا واسي عورت گلناز ميراڻي شهر جي اوباش نوجوانن کان تنگ اچي مدئجي ٿاڻي تي پهچي وئي، گلناز ميراڻي پوليس آڏو دانهيندي چيو آهي ته شهر جا ٻه ڇوڪرا عبدالڪريم ولد پليو ڪلهوڙو ۽ گلاب جوڻيجو مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ مونکي فون تي گارگند پڻ ڪري رهيا آهن، پنجون ڏينهن آهي ٿاڻي تي چڪر ڪاٽي رهي آهيان، شڪايت ڪرڻ تي الٽو ٿاڻي جو منشي ۽ پوليس اهلڪار مون کي گاريون ڏئي واپس موٽائن ٿا، هن چيو آهي ته ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر آهن چون ٿا جيڪڏهن ميڊيا يا پوليس وٽ شڪايت ڪئي ته اوهان جي گهر ۾ داخل ٿي توکي مارينداسين.