اتر پرديش(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ پٽ ۽ ننهن جي رويي کان تنگ پيرسن شخص پنهنجي ڪروڙين رپين جي جائيداد عطيو ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست اتر پرديش جي کٽولي ٽائون جي رهواسي 80 سالن جي شخص پنهنجي پٽ ۽ ننهن جي رويي کان تنگ اچي هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي جائيداد گورنر کي عطيو ڪري ڇڏي. رهائش پذير پيرسن نٿو سنگهه چيو ته هن پنهنجي سموري جائيداد اتر پرديش جي گورنر جي حوالي ڪرڻ لاءِ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. هن پٽ ۽ ننهن تي الزام هنيو ته ٻنهي ڪيترائي ڀيرا منهنجي بيعزتي ڪئي آهي منهنجو گهر مان ڪڍي اولڊ هوم ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب سب رجسٽرار آفيس تصديق ڪئي ته نٿو سنگهه چار مارچ تي هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جو پنهنجو گهر ۽ ٻني رياست جي گورنر کي عطيو ڪرڻ جي وصيت ڏني آهي. سب رجسٽرار آفيس آفيس جو چوڻ آهي ته پيرسن شخص طرفان جمع ڪرايل وصيت ۾ لکيو ويو آهي ته منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي ملڪيت حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ اتي اسڪول يا اسپتال تعمير ڪرائي وڃي.