سڊني(انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريلوي شهري 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ پُل اَپس هڻي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب جيڪسن اٽليانو سڊني ۾ آسٽريلوي فلاحي اداري لاءِ رقم جمع ڪرائڻ لاءِ اهو رڪارڊ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ان مان گڏ ٿيندڙ رقم عطيو ڪري سگهي. هن 24 ڪلاڪن ۾ 8 هزار 8 پُل اَپس هنيا، اهڙو ڪارنامو هن ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ سرانجام ڏنو. جيڪشن موجب هن رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ 8 مهينن تائين خوب محبت ڪئي هئي ان کان اڳ 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ پُل اَپس جو رڪارڊ 7 هزار 717 هو. رپورٽن موجب ان رڪارڊ ذريعي شهري چيريٽي لاءِ تقريبن 6 هزار ڊالر جمع ڪيا هئا.