ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا راني مکرجي چيو آهي ته هن جي والدين جون حالتون سٺيون نه هيون ان لاءِ مان اداڪاريءَ جي دنيا ۾ قدم رکيو. ويجهڙ ۾ مشهور اداڪارا راني مکرجي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ اداڪاريءَ جي حوالي سان گهڻي شوقين نه هئي پر سندن حالتون سٺيون نه هيون ۽ هنن کي پئسن جي ضرورت هئي ان لاءِ هن اداڪاريءَ جي پيشي کي اپنايو. اداڪارا چيو ته منهنجا والدين ٻارن کي اها زندگي ميسر نه پيا ڪري سگهن جهڙي اهي چاهين پيا شايد اهو ئي سبب هيو جو منهنجي والده به مونکي اداڪارا ٿيڻ جو مشورو ڏنو ۽ ان لاءِ مون مٿان دٻاءُ به وڌو. اداڪارا چيو ته منهنجا گهر وارا مونکي تمام گهڻي سپورٽ ڪندا هئا ۽ هاڻي شاديءَ کانپوءِ مان جيڪو نئون خاندان ٺاهيو آهي يعني منهنجي ڌيءُ ۽ منهنجي مڙس به مونکي گهڻو سپورٽ ڪندا آهن. راني مکرجي پنهنجي فلم “مسز چترجي ورسز نوروي” ۾ مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندي جيڪا 17 مارچ 2023ع تي ڀارتي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.