جڪارتا(انٽريسٽنگ نيوز) انڊونيشيا جي سرڪاري ملازم پنهنجي پٽ جو نالو سرڪاري کاتي جي نالي تي رکي ڇڏيو. سرڪاري کاتي ڊپارٽمينٽ آف اسٽتٽسٽيڪل ڪميونيڪيشن ۾ ڪم ڪندڙ سليمت واهودي جو چوڻ آهي ته جڏهن منهنجي زال ڳورهاري ٿي ته مون ان وقت ئي واعدو ورتو هو ته پٽ ٿيو ته ان جو نالو کاتي جي نالي تي رکندس جنهن تي هوءَ به راضي ٿي وئي هئي. هن چيو ته مون کي کاتي ۽ ڪم سان پيار آهي ۽ ان جي اظهار لاءِ مون پنهنجي پٽ جو نالو ڊپارٽمينٽ آف سٽيٽسٽيڪل ڪميونيڪيشن رکيو آهي، اهو عجيب ٿو لڳي پر مون کي ۽ منهنجي گهر واري کي اهو نالو پسند آهي. اسپتال انتظاميا ته اهو نالو رکي ڇڏيو آهي پر اڃا اها خبر ناهي ته حڪومت اهو نالو تسليم ڪيو آهي يا نه.