ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) مهانگائي جي هن دور ۾ جڏهن صوف 200 رپيا، گدرو 60 رپيا ڪلو ۽ ڪيلا 150 رپيا درزن ملي رهيا آهن ته اتي 10 رپيا ڪلو ميوو ملي ته اها ڳالهه ڀوڳ ئي لڳندي پر اڄ به اهڙا سخي موجود آهن جيڪي عام ماڻهن جي پهچ کان پري ميوو انهن جي پهچ تائين آڻين ٿا. سوشل ميڊيا تي يوٽيوبر ۽ پاڪستاني ارطغرل غازي مصطفيٰ حنيف جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ٻڌائيندو آهي ته هن ڪراچي ۾ جيل چورنگي واري پل جي ويجهو هڪ رستي تي اسٽال لڳايو آهي جتي غريب ماڻهن لاءِ سٺو ۽ معياري ميوو رڳو 10 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي. مصطفيٰ حنيف ٻڌايو ته هڪ پيڪيج به جوڙيو اٿم جنهن ۾ ڪيلو، صوف، گدرو شامل آهي ۽ ان پيڪيج جو وزن 2 ڪلو آهي ۽ ان جي قيمت 20 رپيا آهي. مصطفيٰ حنيف موجب روز شام جو 5 وڳي پنهنجو فروٽ جو اسٽال لڳائيندو آهيان ۽ ڪوشش آهي ته روز گهٽ ۾ گهٽ 100 خاندانن کي 10 رپيا ڪيلو ميوو فراهم ڪري سگهان. ان ڪوشش جي زبردست ساراهه ڪئي پئي وڃي.