ملتان (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته جيڪڏهن پي ڊي ايم گڏجي هلي ها ته لانگ مارچ ٿئي ها، لانگ مارچ لاهور پهچڻ کان اڳ بوزدار جي استعيفا ۽ اسلام آباد پهچڻ کان اڳ عمران خان جي استعيفا اچي وڃي ها،  ملتان ۽ لوڌران ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف کي سڄي فارمولي جو پهريان کان علم آهي، شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي، ان جو فيصلو حتمي هجڻ گهرجي، جڏهن به شهباز شريف جو بيان اچي پويان کان آواز ايندو آهي اهو ان جو ذاتي فيصلو آهي،  هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو، پ پ اقتدار ۾ اچي مسئلا حل ڪندي، هن چيو ته جڏهن ته اپوزيشن تيار  ٿي ته حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين.