ڪابل (م ڊ) طالبان افغانستان ۾ نئين عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو، محمد حسن اخوند وقتي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، ملا عبدالغني برادر نائب وزيراعظم هوندو، طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ڪري امارات اسلامي افغانستان جي عبوري حڪومت ۾ شامل 33 نالن جو اعلان ڪيو، جن ذريعي في  الحال ملڪي معاملا هلايا ويندا، مولوي عبدالسلام حنفي به نائب وزيراعظم هوندو، جڏهن ته طالبان جي نئين ڪابينا ۾ ڪا به عورت وزير شامل ناهي نه ئي عورتن بابت وزارت آهي. امير خان متقي پرڏيهي وزير، سراج الدين حقاني گهرو وزير ۽ مولوي محمد يعقوب مجاهد دفاع وارو هوندو، ملا خير الله سُڌ سماءُ وارو وزير ۽ ذبيح الله مجاهد سندس نائب مقرر ڪي ويو، عبدالحق کي انٽيليجنس سربراهه ۽ ملا هدايت الله بدري کي ناڻي وارو وزير بڻايو ويو، ملا عبداللطيف منصور کي پاڻي بجلي وارو وزير، عبدالباقي کي تعليم، نجيب الله حقاني کي برقي مواصلات، خليل الرحمان حقاني کي پناهگيرن بابت وزير مقرر ڪيو ويو، قاري دين محمد اقتصادي، مولوي عبدالحاڪم انصاف، نورالله نوري سرحد ۽ قبائلي علائقن، يونس اخونزاده ٻهراڙي جي ترقي جو وزير هوندو، ملا محمد عيسيٰ اخوند معدنيات بابت وزير هوندو، شيرمحمد عباس ستانڪزئي نائب پرڏيهي وزير، مولوي نورالله جلال نائب پرڏيهي وزير، ذبيح الله مجاهد نائب وزير اطلاعات، ملا تاج مير جواد نائب سربراهه انٽيليجنس، ملا رحمت الله نجيب نائب سربراهه انٽيليجنس، ملا عبدالحق نائب وزير اينٽي نارڪوٽڪس هوندو، جڏهن ته حاحجي ادريس سربراهه افغانستان بينڪ هوندو، فصيح الدين چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو ويو. ذبيح الله چيو ته هي عبوري ڪابينا آهي منصوبابندي ڪري بعد ۾ مڪمل حڪومت ٺاهي ويندي، اڃا ڪيتريون ئي وزارتون خالي آهن ڪيترائي سيڪريٽريز ڪم ڪندا آهن اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون ڪوشش ڪنداسين ته جلد نظام مڪمل ٿي وڃي. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته دشمن وڃي چڪو آهي جنگ ختم ٿي چڪي آهي ۽ اسلامي امارات ٺاهڻ لاءِ ميدان صاف ٿي چڪو آهي، اسان ڪابينا جي وزارتن جي تقسيم قومپرستي جي بنياد تي نه پر انهن جي ڪم کي ڏسندي ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا جي ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، آمريڪا سان به جنهن اسان سان جنگ ڪئي، اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان امن جي فضا رکڻ چاهيون ٿا، ٻاهرين دنيا جي ماڻهن کي هتان جي نظام ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين، افغانستان ۾ نظام ڪيئن هوندو ڪنهن کي اسان جي ملڪ ۾ مداخلت جي اجازت نه هوندي. افغانستان جي معاملن ۾ پاڪستان جي مبينا مداخلت ۽ طالبان کي پاڪستان جي حمايت بابت هن چيو ته اها هڪ پروپيگنڊا آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا، پاڪستان سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي اسان کي ڪنهن به ملڪ مان ڪنهن به قسم جي امداد نه ملي رهي آهي، ان ڳالهه کي ثابت نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان اسان جي مدد ڪري رهيو آهي، اسان 20 سال هن ملڪ جي آزادي لاءِ جنگ وڙهي آهي. پنجشير جي باري ۾ هن چيو ته ماڻهو چون پيا ته پنجشير ۾ جنگ ٿي رهي آهي پر اتي امن آهي، مظاهرين سان بدتميزي وارن واقعن ذبيح الله چيو ته جيڪي به مظاهرا ٿي رهيا آهن انهن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، مظاهرين جي پويان موجود ماڻهو ملڪ کان ٻاهر آهن اهي چاهين ٿا ته بحراني ڪيفيت رهي، مظاهرا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.