لاهور (م ڊ)  لاهور جي انتطاميا تحريڪ انصاف کي اڄوڪي ريلي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ضلعي انتطاميا پاران پي ٽي آءِ کي اجازت ڏني وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لبرٽي کان ناصر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وڃي. انتظاميا پي ٽي آءِ کان حلف وٺي اجازت ڏني. لکت ۾ اجازت نامي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ انتظامياسڄي روٽ جي سيڪيورٽي ذميوار هوندي.. عدليا ۽ ادارن خلاف تقريرن جي اجازت نه هوندي. ضلعي انتظاميا موجب پي ٽي آءِ ذميوارن بابت سڪيورٽي ۽ ضلعي انتظامي اسان سهڪار ڪندي. لکت ۾ڏنل اجازت نامي موجب ٽريفڪ جاري رکڻ لاءِ پي ٽي آءِ جا ذميوارا ٽريفڪ پوليس سان سهڪار ڪندا. ريلي جي روٽ ۽ ڀرپاسي هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه هوندي. ريلي دوران ڪنهن به قسم جا جآزبا ۽ احساس مجروح نه ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ جار ضاڪار ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪندا.  ريلي جي اجازت ڏينهن جو هڪ بجي کان سام ڇهين بجي تائين هوندي.