ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ٽرانسپورٽ کاتي جو سيڪريٽري عبدالحليم شيخ پنهنجي سروس جو مُدو مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويو. ان حوالي سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل سينارٽي لسٽ موجب ته صوبائي سروس جو 20هين گريڊ جو آفيسر عبدالحليم شيخ 30 اپريل تي 60 سال عمر ٿيڻ سبب سرڪاري مُدو مڪمل ڪري چُڪو آهي، واضح رهي ته هلندڙ سال تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، سعيد مڱڻيجو ۽ مصطفيٰ سهاڳ به رٽائرڊ ٿي ويندا.