پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر تڪ بندين کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

0
151
پي ٽي آءِ پاران اليڪشن

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر تڪ بندين واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ جي ان فيصلي کان آگاهه ڪيو, فواد چوڌري چيو ته نيون تڪ بنديون نئين مردم شماري سان ئي ممڪن آهن، مردم شماري کانسواءِ تڪ بنديون آئين جي سنگين ڀڃڪڙي هوندي

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل کي تڪراري بڻائڻ جي مشن تي آهي