دعا منگي اغوا ڪيس: اي ايس آءِ سوڌو 4 جوابدارن جي ضمانت رد

0
229

دعا منگي اغوا ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دعا منگي اغوا ڪيس ۾ قيد زوهيب قريشي جي فرار ٿيڻ واري مامري ۾ گرفتار پوليس اهلڪارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت اي ايس آءِ خالد سميت چئن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ٻين جوابدارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد يونس، ناياب احمد ۽ پوليس ڪانسٽيبل حبيب شامل آهن، جاچ آفيسرعدالت کي آگاهي ڏني ته, ڪيس جو حتمي چالان اڃا تائين عدالت ۾ جمع نه ڪرايو ويو آهي، موبائيل فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو

جاچ آفيسر چيو ته فرانزڪ رپورٽ کانسواءِ جاچ مڪمل نه ٿي سگهي، ڪيس ۾ هينئر تائين 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڪنري ۾ گھران نڪري لاھور ويندڙ عورت پٽ سوڌي ھٿ، عورت سوڌو 3 گرفتار