ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ اضافي جي اڳڪٿي

0
156

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ اضافي جي اڳڪٿي ڪئي آهي، چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب اڄ جو گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

جڏهن ته گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو ۽ سڀاڻي 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

چيف ميٽولوجسٽ چيو ته اولهه بلوچستان ويجهو هوا جو دٻاءُ تيز ٿي ويو آهي ۽ هوائن جي رخ ۾ تبديلي سان گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ٿيندي

هن چيو ته ڏينهن جي اڪثر وقت تائين زميني هوائون اولهه کان هلنديون