ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي استعيفا ڏنل ايم اين ايز کي مخاطب ٿي چيو آهي ته توهان کي ڪهڙي جلدي آهي، جو هر هر عدالت اچي رهيا آهيو؟ اسان ڌرين جو موقف ٻڌي قانون موجب فيصلو ڪنداسين، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل شهاب امام چيو ته 16 مارچ تي 9 قومي تڪن تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي، اسان جي درخواست تي فوري ٻڌڻي ڪئي وڃي، توهان 21 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، تيستائين چونڊون ئي ٿي وينديون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته درخواست ٻڌي ڪري فيصلو ڪنداسين، وڪيل شهاب امام چيو ته بيلٽ پيپر شايع ٿي ويا ته عوام جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيندو، چيف جسٽس چيو ته توھان جذباتي ماحول ڇو پيدا پيا ڪريو؟ اسان ٻڌنداسين ۽ قانون موجب فيصلو ڪنداسين، عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،