اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي سڌسماءَ  بابت اسٽيڊنگ  ڪاميٽي صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ  ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪندي وفاقي گھرو وزارت کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي، ڪاميٽي طرفان ٽي وي ڊرامن ۾ اعتراض جوڳو مواد شامل ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو آھي، اجلاس ۾  سيڪريٽري اطلاعات انڪشاف ڪيو ته ٽي وي ڊرامن کي سنسر ڪرڻ جو ڪو به قانون يا طريقيڪار موجود ناھي. جويريا ظفر جي سربراھي ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات بابت  ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اعتراض جوڳو مواد نشر ۽ شايع ٿيڻ بابت عبدالڪبر چترالي ۽ عاليا ڪامران طرفان ڌيان طلب نوٽيس تي غور ڪيو ويو. عاليا ڪامران چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي فحش مواد وڌي رھيو آھي. آرٽيڪل 31 طرز زندگي کي اسلامي بڻائڻ تي زور ڏئي ٿو، پاڪستاني ڊرامن ۾ احترام جي رشتن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. سيد نفيسا شاھ چيو ته ضروري ناھي ته سڀني کي عاليا ڪامران جي خيالن تي اتفاق ھجي، ٽي وي ڊرامن ۾ ڪافي سماجي براين بابت شعور پيدا ڪيو ويندو آھي، ڪميٽي معمولي معامرن ۾ پنھنجو وقت ضايع نه ڪري. نفيسا شاھ چيو ته اڄ صحافين کي جيڪي خطرا آھن ڪاميٽي ان تي ڳالھائي. مولانا عبدالڪبر چترالي چيو ته ھن ملڪ جو آئين چوي ٿو اسلامي معاشرو قائم ڪيو وڃي، نفيسا شاھ صاحبه اسلام انھن ڳالھين جي اجازت ناھي ڏيندو. ھڪ نجي ٽي وي چئنل جي ڊرامي ۾ والد کي ٽرانسجينڊر بڻجڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي، ٽي وي تي ھلندڙ اشتھارن ۾ به اعتراض جوڳو مواد ھوندو آھي، پيمرا طرفان صرف ڏنڊ لڳائڻ سان اعتراض جوڳو مواد نشر ٿيڻ بند نه ٿيندو. اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا ارتقا جي عمل مان گذري رھي آھي، پيمرا صرف نيوز چينلز جو ذميوار آھي، سينسر بورڊ قانون ۾ ترميم آڻي رھيا آھيون، ٽي وي ڊرامن جي مواد بابت ذميداري سنسر بورڊ کي ڏئي سگھجي ٿي، سنسر بورڊ جو نالو تبديل ڪري سرٽيفڪيٽ بورڊ ڪري ڇڏيو آھي. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته ٽي وي ڊرامن جي سنسر شپ جو فلحال ڪوبه طريقيڪار يا قانون موجود ناھي، پارليامينٽ چاھي ته ٽي وي ڊرامن بابت سنسر شپ تي قانون سازي ڪري. وزير اطلاعات خاطري ڪرائي ته حڪومت ٽي وي ڊرامن جي سنسر شپ جي شق سرٽيفڪيٽ بورڊ ۾ ترميم شامل ڪندي. ڪاميٽي ارشد شريف جي قتل جاچ ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. وزارت داخلا کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته ايندڙ اجلاس ۾ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني وڃي. جيڪڏھن وزارت چاھي ته اِن ڪئمرا به بريفنگ ڏئي سگھجي ٿي. اطلاعات بابت  ڪاميٽي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ صحافين تي تشدد جي مذمت ڪئي. چيئرپرسن چيو ته ڀڃ ڊاھ سياسي ڪارڪنن ڪئي، سزا صحافين کي ڇو ڏني وئي. وزير اطلاعات ٻڌايو ته گهرو وزير صحافين تي تشدد بابت رپورٽ طلب ڪئي آھي، صحافين جي تحفظ بابت قاعدن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.