ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ کانپوءِ به ڏيوالي جو خطرو نه ٽرندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ جيڪا به حڪومت ايندي، ان کي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام ۾ وڃڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 8 ارب رهڻ جي اڳڪٿي ڪري زيادتي ڪري رهيو آهي، دوست ملڪن پاڪستان کان منهن ڦيري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جيڪو چوندو آهي اهو ڪندو ناهي.