اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ اڳواڻن جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته واقعو پنجاب ۾ ٿيو آهي اتان جي حڪومت کي هٽايو وڃي، ان کان استعيفا گهرو، حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، وفاق جاچ ۾ سهڪار ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف عمران خان تي حملي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کان فوري رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سيڪيورٽي ۽ جاچ لاءِ پنجاب حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي. هن چيو ته تشدد جي اسان جي ملڪ ۾ ڪا به جاءِ ناهي، عمران خان تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم جي هدايتن بعد وفاق طرفان پنجاب حڪومت کي جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ خط لکيو ويو

پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ گهرو وزارت کي اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر پوليس آفيسرز ۽ حساس ادارن جي نمائندن کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪري واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، حقيقتون سامهون آنديون وڃن. پريس ڪانفرنس دوران وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله پي ٽي آءِ اڳواڻن جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته جوابدار جي شروعاتي بيان جي اهميت هوندي آهي، لانگ مارچ ۾ ٿيل حملي جِي سينيئر آفيسرز جي نگراني ۾ جاچ ڪرائي اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن، هن چيو ته شيرين مزاري ڪهڙي بنياد تي وزيراعظم، منهنجي ۽ هڪ اداري مٿان فائرنگ جو الزام مڙهيو آهي

ٻين تي حملو ڪرڻ سان پاڻ به محفوظ نه رهي سگهندا، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪارڪنن کي وڳوڙ پکيڙڻ لاءِ ورغلائي رهيا آهن، گهٽ ذهنيت ۽ سوچ جي هميشه مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته الزامن جي مذمت ڪريان ٿو، پنجاب ۾ اوهان جي حڪومت آهي، جوابدار جي وڊيو ڇا اسان ليڪ ڪرائي آهي؟ پنجاب پوليس اوهان جي آهي، صوبائي حڪومت اوهان جي آهي

اوهان پرويز الاهي ۽ پنجاب حڪومت کان استعيفا گهرو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي ان جي مذمت ڪريون ٿا، پنجاب حڪومت جي رپورٽ اچڻ تائين ڪا به حتمي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، واقعي ۾ عمران خان، سينيٽر فيصل جاويد زخمي ٿيا آهن جن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، هن چيو ته عمران خان کي ڪنٽينر تان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب ان جي سي ٽي اسڪين ٿي رهي آهي، سياسي ميدان خوني نه بڻجڻ گهرجن، ان قسم جي سياست جي شديد مذمت ڪريان ٿي

هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزير کي هدايت ڪئي آهي ته چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کان فوري رپورٽ طلب ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت واقعي جي جاچ ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، هن چيو ته واقعو پنجاب حڪومت جي حدن ۾ٿيو، پنجاب پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جي انٽيليجنس هن واقعي ۾ پنهنجي رپورٽ ڏيندي، وزيراعليٰ پنجاب کي به گهرجي ته واقعي جي رپورٽ طلب ڪري، فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار ٿي ويو آهي

ان تسليم ڪيو آهي ته هن عمران کي گولي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو شخص پنجاب پوليس جي حراست ۾ آهي، پوليس بيان رڪارڊ ڪري پئي، پنجاب پوليس جاءِ واردات کي فوري سيل ڪري، واقعي مان ماڻهن کي سبق سکڻ گهرجي، واقعي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، اسان جي لفظن جي چونڊ اهم هوندي آهي، اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جو ڪاوڙ جو سبب بڻجن، اڄ هڪ ذميوار عورت غير ذميواراڻو بيان ڏنو ته رانا ثناءُالله حملو ڪرايو آهي، اهڙن بيانن جو اثر عوام کي ڀوڳڻو پوندو آهي

ھي به پڙھندا

ڪي پي جي وزير انور زيب خان پاران هٿيار کڻي راڻا ثناءُ الله کي ڌمڪيون، وڊيو وائرل

تحريڪ انصاف پاران عمران خان تي حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان