ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم)پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر جي پٽ حسن ٽالپر الزام هنيو آهي ته سنڌ جي ٻيلي کاتي واري وزير نواب تيمور ٽالپر ڇنڇر ۽ آچر جي رات جو هڪ هوٽل ۾ ماني کائڻ دوران مٿس تشدد ڪيو آهي، تيمور ٽالپر سان پ پ ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي پڻ گڏ هو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو پنهنجي دوستن سان گڏ ماني کائڻ ويو هو، تيمور ٽالپر سندس ٽيبل تي اچي کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي، هوڏانهن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ، ايم پي ايز راجا اظهر، شهزاد قريشي ۽ سمير شيخ سان گڏجي زيد ٽالپر جي گهر پهتو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته تيمور ٽالپر پنهنجي سوٽ زيد ٽالپر جي پٽ حسن ٽالپر تي وحشياڻو تشدد ڪيو، تيمور ٽالپر ۽ ذوالفقار بچاڻي جي اهڙي عمل خلاف اسانجي دل ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، هن چيو ته تيمور ٽالپر جڏهن ڪنري يا عمرڪوٽ ۾ هوندو آهي ته اتي جا ماڻهو پنهنجي ڌيئرن کي اسڪول ناهن موڪليندا، پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر چيو ته تيمور ٽالپر کي پاڻ به پٽ ۽ ڌيئرون آهن، کيس خبر هجڻ گهرجي ته سندس حڪومت سدائين نه رهندي، هن چيو ته تيمور ٽالپر سندس پٽ تي تشدد ڪيو، اطلاع ملڻ تي هوٽل پهتس، اسان هوٽل وارن جي اجازت سان سي سي ٽي وي جو رڪارڊ کڻي آيا آهيون پر اهو ڊي ڪوڊ نه پيو ٿئي، ڊي ڪوڊ ٿيڻ سان سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون.