فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ ڪار سوار نوجوان ۽ ناري کي جهڙتي بهاني ٿاڻي وٺي وڃي بدسلوڪي ۽ ڇوڪريءَ سان غيراخلاقي حرڪتون ڪرڻ جي واقعي ۾ ملوث ايس ايچ او ۽ جاچ سب انسپيڪٽر سميت 5 اهلڪارن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. سي پي او عابد خان موجب 8 سيپٽمبر تي ڪينال روڊ تي ڪار سوار نوجوان ۽ ناري کي روڪي انهن سان بدسلوڪي جي الزام ۾ منصورآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري انڪوائري ڪئي وئي. انڪوائري رپورٽ موجب ٽن پوليس اهلڪارن ڪار سوار نوجوان ۽ سندن سئوٽ ناري کي تلاشي بهاني ٻن ڪلاڪن تائين روڪيو ۽ ڇوڪريءَ سان غيراخلاقي حرڪتون ڪيون ۽ روڪ رقم به کسي ورتي. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي منصورآباد ٿاڻي جي ايس اشفاق باجوا، ڪانسٽيبلز منان، آصف ۽ علي رضا کي، جڏهن ته جوابدارن کي جيل نه موڪلڻ تي جاچ آفيسر کي نوڪري تان هٽايو ويو آهي. سي پي او موجب انچارج انويسٽيگيشن ۽ اي ايس آءِ جا عهدا گهٽائڻ سميت محرر حميد ۽ هڪٻئي اي ايس آءِ جي پگهار ۾ به ٻه درجا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.