لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي کيڏڻ جي انداز جي حمايت ۾ اڳيان اچي ويو. پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته چيو ويندو آهي ته بٽڻ دٻايو ۽ آسٽريليا جيان جارحاڻي انداز ۾ ڪرڪيٽ کيڏو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي کيڏڻ جو پنهنجو هڪ انداز آهي. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي رميز راجا چيو ته ٽيم ان انداز ۾ 12 مهينن ۾ 80 سيڪڙو جي شرح سان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پاڪستان ٽيم مقابلي واريون ميچون کٽيون ايونٽس جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهتي. هن چيو ته آءِ سي سي پليئرز آف دي ايئر ۾ ايتري وڏي انگ ۾ قومي ڪرڪيٽر آيا ايئن ڪٿي ٿيندو آهي، چيو وڃي پيو ته اسان پراڻي زماني جي ڪرڪيٽ کيڏون ٿا ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ ناهي. رميز راجا چيو ته مان ان تجزيي کي درست مڃيان ٿو، پر ٽيم اهڙي طرح ڪاميابي به حاصل ڪئي، ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ لاءِ اسان هڪ طريقيڪار شروع ڪيو آهي. پي سي بي چيئرمين چيو ته 100 ڪرڪيٽرن جو پاٿ وي پروگرام ۽ پاڪستان جونيئر ليگ ان جو حصو آهي، ايندڙ چار سالن ۾ اوهان کي تيار گهوڙا ملندا جيڪي ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ کيڏي سگهندا. هن چيو ته اسان موجوده ٽيم تي ايترو ئي دٻاءُ وجهون جيترو اسان وجهي سگهون ٿا، منهنجي خيال ۾ ٽيم جي طريقيڪار ۾ ڪابه خرابي ناهي، ٽيم جي رانديگرن جو ٽمپرامنٽ بهتر ٿي رهيو آهي ۽ اهي فائٽ ڪري رهيا آهن.