ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد چيو آهي ته فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي لنڊن ۾ بالنگ شروع ڪري ڇڏي آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ ري هيب ڪرائڻ لاءِ هڪ به ماڻهو ناهي؟ عاقب جاويد ميڊيا سان ڳالهائيندي سوال ڪيو ته نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر جو نالو ته رکيو ويو آهي اتي سهولتون ڪهڙيون آهن؟ جيڪڏهن شروع ۾ شاهين آفريدي جو خيال رکيو وڃي ها، هن کي 45 ڏينهن نه گهمايو وڃي ها ته شاهين هن وقت فٽ هجي ها. هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي صرف هارڊ هٽنگ جو نالو ناهي، هيري بروڪ کي ڏسو 200 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏندو آهي، ٽيڪنيڪل انداز ۾ شاٽس کيڏڻا پوندا آهن، اسان جا سڀ رانديگر ٽيپ بال واري ڪرڪيٽ کيڏندا آهن. اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته اسان جا رانديگر هڪ ئي لائن ۾ شاٽس هڻندا آهن، مقابلي لاءِ پنهنجي اسڪلز کي بهتر بڻائڻو پوندو، جيڪي ايشيا ڪپ ۽ پاڪستان ۾ بائونسز کي نٿا کيڏي سگهن آسٽريليا ۾ انهن مان ڪهڙيون اميدون رکون؟