پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب … قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ جوڻاڻي شريف تعلقو وارهه

0
242

  جوڻاڻي شريف تي جوڻاڻي نالو ڪيئن پيو اهو هڪ ٻئي مضمون ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان. هتي ان جي ورجائڻ ۽ دهرائڻ جي ضرورت ناهي.  قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ جوڻاڻي شريف تاريخ جي اعتبار کان اٽڪل 500 سال به وڌيڪ پراڻو ۽ آڳاٽو آهي. هن شهر نالي وارا ۽ ناميارا عالم ۽ اديب پيدا ڪيا آهن،جن ۾ مولوي حاجي پير محمد جو نالو سرفهرست آهي. مولوي حاجي پير محمد جو قابل، ڪامل ۽ اڪمل پٽ مولوي حاجي غلام الصديق قريشي صديقيءَ جو نالو نيڪوڪار ۽ جڳ مشهور عالمن جي قطار ۾ شامل ٿيل آهي. مولوي حاجي غلام الصديق قريشي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جو روشن ۽ چمڪندڙ ستارو آهي. سندس نالو پوري دنيا ۾ مشهور ۽ مقبول آهي. حاجي صاحب جي تحرير جو پنهنجو انداز ۽ طور طريقو مڙني عالمن کان نرالو، نيارو ۽ جدارو آهي.مولوي حاجي غلام الصديق جي تحرير قابل فخر سمجهي ويندي هئي. سندس تحرير پوري دنيا ۾ مشهور آهي. مولوي صاحب جو مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ سان قريبي واسطو ۽ ڳانڍاپو هو. مولوي صاحب جون ڪيتريون ئي تحريرون مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ ۾ موجود ۽ محفوظ آهن. مولوي حاجي پير محمد جو وڏو مدرسو هو، پري پري جا ماڻهو هتي اچي علم جي اڃ اجهائيندا هئا. هن وقت مدرسي جو اهو اڳوڻو اوج عروج ناهي رهيو.

مولوي حاجي غلام الصديق قريشي صديقيءَ جو ننڍو ڀاءُ مولوي غلام عمر سٺو عالم ۽ شاعر هيو. شاعريءَ ۾ سندس خطبا ملن ٿا، جي نهايت وڻندڙ ۽ دل لُڀائيندڙ آهن. پنهنجي والد صاحب کان ديني تعليم پڙهي هئائين. سندس سموري شاعري اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود ۽ محفوظ آهي. سندس ڪلام تي مذهبي ۽ ديني رنگ غالب آهي. گهڻي کان گهڻا خطبا جوڙيائين. ڪي مثنوي ته ڪي وري غزل جي روپ ۾ آهن، سندس ڪجھه خطبن کي مون ڪتابي صورت ڏني آهي . علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ سندس وفات جو سال هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي :

پايئه جمعيّت خاطر بدان فوتِ عمر… مولوي پير محمد را پسر بُد دلربا.

مولوي حاجي غلام الصديق قريشي صديقيءَ جو لائق ۽ فاضل فرزند مولوي غلام عثمان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو نهايت قريب ۽ سچو دوست هو. مولوي غلام عثمان ننڍي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت ڀٽو صاحب وزيراعظم پاڪستان هو. ڀٽو صاحب مولوي صاحب جي لاڏاڻي کان ڪجھه مهينا پوءِ دعا گهرڻ آيو. ڀٽي صاحب جو جوڻاڻي شريف ۾ وڏو استقبال ڪيو ويو هو. هن وقت جتي پرائمري اسڪول قائم آهي، اتي هيليڪاپٽر تي اچي لٿو هو. اهڙيءَ ريت ڀٽي صاحب لاءِ ٽُڪ جون رلهيون وڇايون ويون هيون جن تان لنگهندو وڃي درگاھ تائين پهتو هو. انتظام به سٺو ۽ سهڻو ڪيل هو. اڄ اهو شهر ننڌڻڪو بڻيل آهي. جنهن جو خير خواھه ئي ناهي. هٿ وٺي هن قديمي شهر کي ٻوڙايو ويو آهي.

هتان جو هڪ مشهور درويش ۽ بزرگ ميان محمد ابراهيم قريشي آهي. هن جون ڪافي ڪرامتون مشهور آهن پر انهن ۾ هڪ ڪرامت “ڀنگ مان کير ڪرڻ” جي تمام گهڻي مشهور آهي.

چون ٿا ته هڪ دفعي ڀنگ گهوٽائي پيئڻ لاءِ تيار ڪري رکيائين ته مٿان سندس والد صاحب پهتو، کيس والد بزرگوار چيس ته ابا ڀنگ پيئڻ کان ڇونه ٿو مُڙين. مان ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پيو آهيان. کيس جواب ۾  چيائين ته ابا هيءَ ڀنگ ناهي پر تازو ڏاچيون ڏهرائي کير رکيو اٿم. ڀنگ جي ڪونڊي مٿان صافو لاهي ڏسي ته بلڪل کير آهي ۽ تازي جهڳ به اهائي آهي جيڪا کير جي هوندي آهي. پوءِ سندس والد صاحب موڪل ڏئي چيس ته پٽ هاڻي تنهنجي مرضي!!! مٿس هڪ ڪمرو ٺهرايو ويو آهي.

مٿين عالمن کان علاوه ميان شاھه محمد المعروف ميان قاضي به درويش صفت انسان ۽ ڪرامت جو صاحب هو. انگريزن جي دور ۾ کيس قاضيءَ جو لقب مليو. پاڻ نهايت سادگي پسند ۽ شريعت جو پورو پابند هو. درويشي ۽ فقيريء جي ڪري اڄ به مشهور و معروف آهي. ميان قاضي شاھ گودڙيي جو مريد ۽ معتقد هو. سندس چوڻ هو ته شاھ گودڙيو سيد آهي نه ڪا ٻي ذات. شاھ گودڙيو سهروردي طريقو اختيار ڪندڙ آهي.

هتان جو جڳ مشهور شاعر مولوي حاجي عبدالله ولد محمد فقير سومرو( 1870ع/1930ع)جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس گهڻو ئي ڪلام لوڪ ادب جي مختلف ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. سندس ڪلام کي مون سهيڙي ڪتابي صورت ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي. پاڻ موسيقيءَ جو به ماهر هو. ڪيترين ئي ڪافين تي سرن جا نالا لکيا اٿائين. تخلص طورڪٿي لنگهو۽ ڊکڻ به آندو اٿائين.

هن شهر ۾ هڪ قديمي مسجد آهي جنهن کي اٽڪل 250 سال ٿي  چڪا آهن. هيءَ مسجد مولوي حاجي پير محمد جوانيءَ ۾ جوڙائي هئي. هن برسات جي ڪري مسجد کي ڏکڻ پاسي ڏانهن شگاف پئجي ويا آهن. مسجد جي صحن آڏو مولوي حاجي پير محمد، مولوي حاجي غلام الصديق ۽ سندس فرزند مولوي غلام عثمان مدفون آهن سندن پهلو ۾ هڪ ٻي قبر آهي. مٿن سادو مقبرو ٺهيل هو جيڪو مڪمل ڊهي پٽ پئجي ويو آهي. ايڏي وڏي شامت ۽ آفت هوندي ڪو به سرڪاري يا غير سرڪاري نمائندو نه آيو آهي. ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هي شهر ڪنهن جي ڌيان ۾ ئي نه آهي.

هن ڳوٺ وٽان دنيا جو مشهور سياح ابن بطوطه سيوهڻ شريف ويو آهي. ابن بطوطه جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. هي پنجويهن سالن جي عمر ۾ سيرسياحت تي نڪتو.جنهن دنيا کي ڪافي جهاڳيو آهي. هن پنهنجي عمر ۾ هڪ سفرنامو لکيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ “ابن بطوطه جو سفرنامو” جي نالي سان ڇپي چڪو آهي. هن ئي سفرنامي ۾ سنڌ جي هن قديم ۽ تاريخي ماڳ جو ذڪر پهريان پهريان ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ملي ٿو. اهو دور 1333ع /1334ع جو آهي. ابن بطوطه ڪابل ندي وٺي اچي جوڻاڻي شريف ۾ پهتو ۽ هتي  ٻه ڏينهن ترسي پوءِ سيوهڻ شريف ويو. ان کان پوءِ ديبل ۽ ملتان کان ٻيا شهر گهمندو واپس ويو. جوڻاڻي شريف جي لاءِ لکيو اٿس ته هيءُ شهر تمام سهڻو ۽ آب و هوا جي لحاظ کان وڻندڙ آهي. منجهس ڳچ باغ آهن. هيءُ شهر سومرن جي حڪومت هيٺ آهي.هن شهر کي هو جَناني (JANANI  ) سڏي ٿو جيڪو پوءِ جوڻاڻي( جوناني) جي صورت ۾ اڄ به نشانبر آهي.

اڄ وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن شھر جو ڪو اوهي واهي نه آهي. جنهن ڪري رت جا ڳوڙها اکين مان تري اچن ٿا. هن شهر سان وڏي ويڌن ڪئي وئي آهي، جاڏهون ڪاڏهون جو پاڻي هن شهر جي آسپاس ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري شهرين کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. هن وقت ٻوڏ واري صورتحال آهي. ڪيتريون ئي جايون ۽ جهوپڙيون زمين دوز ٿي ويون آهن. باقي چند مٿاهينءَ واريون جايون بچيون آهن پر سي به هن شامت ۽ آفت کان بچي نه ٿيون سگهن. ڇو ته پاڻي شهر جي گهٽين ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن شهر مان لڏپلاڻ ٿي چڪي آهي. “ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهنڙي “جي مصداق پنهنجي حفاظت ۾ گهرگهاٽ ڇڏي وڃي روڊن رستن تي ٿانيڪا ٿيا آهن. ههڙو ڏکيو وقت هن شهر جي ماڻهن ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي. هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪکن ۾ پساھه کڻي رهيو هو. اڄ بي يار و مددگار پڪاري پڪاري ٿڪجي پيو، نيٺ پنھنجا اجھا ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. هتان جي غريبن ۽ مسڪينن کان سک جو ساھه ٻوڏ جي صورت ۾ کسيو ويو. جنهن جو تدارڪ ٿيڻ جو رستو ئي ناهي.

مولوي محمود ولد عبدالله سومرو به هن ئي مدرسي جو پڙهيل عالم هو 1983ع ڌاري وفات ڪري ويو. ڪجھه سال وارھه شهر ۾ ڪپڙي جو دڪان هلائي حلال ڪمائي پنهنجن ٻچن جو گذر سفر ڪندو هو. مولوي محمود جو ڀاءُ حاجي حمزه خان پنهنجي فن ۾ سڀني کان سرس ۽ سوايو هو. پاڻ هرفن مولا ڪاريگر هو. پنهنجي ڪرت ۾ سڀني کان منفرد ۽ نرالو هو. گاڏين ٺاهڻ جو شھه ڪاريگر هو. لوهارڪي هنر ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. کٽون ٺاهڻ جو به اعليٰ قسم جو ڪاريگر هو. جنڊيءَ جي هنر کان به نهايت واقف هو. وٽس ڊکاڻڪي ۽ لوهارڪي ڌنڌي جا سڀ اوزار موجود هئا. ڪنهن جو محتاج ڪو نه هو. هر شيءِ ٺاهڻ جي فن ۾ تمام ڀڙ ۽ هوشيار هو. چيڙاڪ به ڏاڍو هو. ڪنهن جي غرض ۽ ڪاڻ نه ڪڍندو هو. نيت جو کرو ۽ سچو، اندر جو صاف سٿرو ۽ اڇو اجرو هو. سڀ کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو. بيباڪ ۽ خوددار به واھه جو هو. ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ کي عيب سمجهندو هو. پاڻ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ ھو. محمد قاسم ۽ محمد هاشم ٻيئي ڀائر ذات جا سومرا هئا. هنن جهڙو تر ۾ گاڏين ٺاهڻ جو ماهر ڪونه هو. جي هئو به ته هنن کان گهڻو گهٽ هو. گاڏيون آرڊر تي ٺاهيندا هئا. محمد قاسم جو پٽ خان محمد به هن ڪم ۾ پنهنجي وس آهر سٺو ڪاريگر هو. محمد هاشم جو پٽ نبي بخش به پنهنجي وقت جو پنهنجي وڏن وانگر چڱو ڪاريگر هو.

مولوي غلام عمر (ثاني) المعروف مولوي منور علي ولد مولوي غلام عثمان قريشي درگاھه جو ڪم سنڀالي رهيو آهي. مولوي منور علي مولوي محمود سومرو کان ديني ۽ مذهبي تعليم پرائي دستار جو مالڪ بڻيو. هن وقت حال حيات آهي.

پروفيسر مظهر علي ولد عبدالواحد قريشي هن ڳوٺ جو پهريون پروفيسر آهي. جيڪو ترقي ڪندو پرنسپال جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو.پاڻ شاھه لطيف جو پارکو ۽ ٻوليءَ جو ماهر آهي. شاھه سائين جي ڪلام تي گهڻو ئي نور نچوئيو اٿس. شاھه لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح، پهاڪا ۽ محاورا سندس مضمون جو مرڪز ۽ محور آهن.

هن شهر جو پهريون پرائمري استاد عزيزالله ولد محمد روشن قريشي آهي، جنهن جي زيرسايه ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا. استاد عزيزالله پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. جنهن کان پوءِ مون اسڪول جون واڳون ورتيون. اهڙيءَ طرح تعليم جو ڏينهن و ڏينهن معيار وڌندو ٿي ويو. هن شهر جو پهريون انجنيئر شمس الدين ولد رسول بخش قريشي آهي. جيڪو هن وقت سکر ۾ رهائش پذير آهي. سندس ڀاءُ ڊاڪٽر بدر الدين هن شهر جو پهريون ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. هن شهر جو پهريون پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي(راقم الحروف) آهي. جنهن پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پي ايڇ ڊي جي اعليٰ سند سنڌ يونيورسٽي مان 2004ع ۾ حاصل ڪئي.منهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي جو عنوان “ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب تي ڪيل ڪم جو تقابلي اڀياس” آهي. منهنجا هن وقت 15کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه 45 کن ڪتاب ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهن. محمد اسماعيل ولد خان محمد سومرو عسڪري بئنڪ جي مينيجر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. محمد خان ولد شادي خان تونيو به وڏو نالو ڪمايو آهي. پاڻ دنيا ليول تي اين جي اوز جي دنيا ۾ هن وقت ACF Internacional Nigeria  ۾Country Head آهي.

فقير عبدالواحد مڱڻهار جوڻاڻي شريف جو واحد ماڻهو آهي جو دهل وڄائڻ جو ماهر ۽ لائق هو. دهل وڄائڻ ۾ ساڻس ڪوبه مٽ ڪونه هو. جڏهن رمضان شريف ايندو هو ته روزي جي وقت اٿي دهل جي ذريعي ڳوٺ وارن کي سجاڳ ڪندو هو، جيڪي دهل جي آواز تي اٿي روزا رکندا هئا. اڄ ته دور گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي. اڄ ته ميڊيا جو دور دورو آهي، جو ننڍن وڏن شهرن ۾ گهگهو (سائرن) وڄايو وڃي ٿو. جنهن ڪري مڱڻهارن جي قدر ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي. شادين مرادين تي وري وڏا لائوڊ اسپيڪر وڄايا وڃن ٿا. ڪٿي ڪٿي دهل وڄائيو وڃي ٿو نه ته مڙيوئي خير..

محمد اسماعيل ڪنڀر هن ڳوٺ جو رهاڪو ٿانون ٺاهڻ جو سٺو ڪاريگر ۽ محنتي ماڻهو هو. هن جا ٺاهيل ٿانو پري پري تائين مشهور ھئا. دلا ۽ مٽ اهڙا ته ٺاهيندو هو، جو فِرجن وڏن تلاجن کي ڇَھَه ڏيئي ڇڏيندو هو. کانئس پوءِ سندس پٽ امام علي ۽ غلام علي اهو ڌنڌو ڪندا هئا، پر هن وقت ڪنڀر جي ٺاهيل ٿانون جو قدر نه رهيو آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ فن پنھنجا پير پويان ڪرڻ لڳو آهي.

هن ڳوٺ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد آهي، جنهن جي ڊگهي فهرست آهي. اھا ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ لکبي.

هتي پرائمري اسڪول کان علاوه گورنمينٽ هاءِ اسڪول عزيزالله قريشي پڻ آهي، جيڪو 2010ع ڌاري ڪم ڪرڻ لڳو. هيءُ اسڪول ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ جي ڪوششن سان وجود ۾ آيو. هتي گرلس پرائمري اسڪول به آهي. ان کان علاوه گرلس مڊل اسڪول پڻ آهي پر سرڪار جي بي ڌياني سبب بند پيو آهي. جنهن ڪري نياڻين جي تعليم گهڻي کان گهڻي متاثر آهي..

هن ڳوٺ ۾ قريشي، تونيا، کرل، سومرا، چنا، مڱڻهار ۽  ڪنڀر رهائش پذير آهن. ڳوٺ جو چڱو مڙس رئيس ڪوڙو خان تونيو آهي. هن ڳوٺ کي يونين ڪائونسل جو درجو حاصل آهي. يونين ڪائونسل جوڻاڻي شريف جو پهريون چيئرمئن علي حسن چانڊيو هو ۽ هن وقت ٻيو نمبر چيئرمئن نذير احمد وراڻي چانڊيو تازو کٽي چيئرمئن ٿيو آهي.

هن ڳوٺ جي چوڌاري کوھه هوندا هئا جن جو پاڻي نهايت مٺو هوندو هو. انهن کان علاوه ڳوٺ جي هر پاڙي ۾ کوھه يا ننڍي کوهي هوندي هئي . جن جو پاڻي اٽڪل سال 1990ع تائين پيئڻ جي لائق هو. هن وقت اهي کوھه ۽ کوهيون لٽجي ويون آهن. هتان جو جر صفا ڪوڙو ٿي ويو آهي ۽ پيئڻ جي لائق بنھه نه آهي. شال 1986/87ع ۾ ڳوٺ کي واٽرسپلاءِ ڏني وئي جيڪا ٽن چئن ڳوٺن کي پاڻي پهچائي ٿي.(واٽس ايپ ميسيج)