ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ( پي ايم اي ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي هدايتن جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي نوٽيفڪيشن ذريعي ڊاڪٽرن کي پابند ڪيو هو ته اهي مريضن لاءِ دوا جو نالو لکڻ بدران ڪيميائي فارمولا لکن. اهڙي نوٽيفڪيشن بعد پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر قيصر سجاد بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پنهنجن اختيارن جون حدون اورانگھيون آهن. اهڙو نوٽيفڪيشن عوام ۽ مريضن جي مفاد ۾ ناهي، ان ڪري ڪا بهتر پاليسي ٺاهي وڃي. هن چيو ته 1976ع واري پاليسي ناڪام ٿي وئي آهي، پاليسي جي ناڪامي جا سبب معلوم ڪيا وڃن، هن چيو ته اهڙو نوٽيفڪيشن بِنا دير رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ لائحه عمل جوڙيو ويندو.