ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شيرزمان چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال کان پڇيو وڃي ته هو ڪٿي ٿو رهي؟ پهرين کانئس بلديا سانحي بابت پڇيو وڃي، هو ٻڌائي ته بلديا فيڪٽري سانحو حادثو هو يا دهشتگردي هئي؟ ڪالهه بلديا ٽائون ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي ڊيڊي جو نالو ڪيس مان نڪتو ته هن چيو ته بلديا سانحو دهشتگردي آهي، هوڏانهن اهڙي بيان تي رد عمل جاري ڪندي پي ايس پي اڳواڻ همايون عثمان چيو ته خرم شيرزمان پنهنجن حدن ۾ رهي، جيڪڏهن 2016 ع ۾ مصطفي ڪمال نه اچي ها ته خرم شيرزمان هن وقت ڪنهن هوٽل ۾ ٿان ڌوئي رهيو هجي ها.