ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان تيز رفتار رڪشا ڪلٽي، نوجوان فوت، هڪ ڄڻو زخمي. خبر موجب ڳوٺ بگن بجاراڻي واسي عباس علي ۽ ساجد علي جعفري رڪشا تي ڪرمپور کان ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته کرڙو شاخ وٽ تيز رفتاري سبب رڪشا ڪلٽي ٿي شاخ ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڪرمپور اسپتال آندو ويو، جتان زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي 16 سالا ساجد علي جعفري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.