پي ايس ايل: 17 ڄڻا عرب امارات پهچي ويا، سرفراز سميت 6 ڄڻن جون ويزائون به جاري

0
460

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ لاءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽر جي ڪپتان سرفراز احمد سميت 6 ڄڻن کي ابوظهبي جي وزٽ ويزا ملي وئي آهي ۽ هو اڄ ابوظهبي پهچي ويندا. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڪمرشل اڏام وسيلي عرب امارات وڃڻ جي اجازت ملڻ بعد سرفراز سميت 13 رانديگرن ۽ آفيشلز کي گهر اماڻيو ويو هو. هاڻ ڇهن رانديگرن جون ويزائون اچي ويون آهن جن مان 4 لاهور ۽ 2 ڪراچي جا آهن، انهن رانديگرن کي به لاهور کان ڪراچي آڻي پوءِ گڏ ابوظهبي اماڻيو ويندو هو رات جو دير سان يا اڄ صبح جو پهچي ويندا. پي ايس ايل 6 جي سربراهه بابر حامد چيو آهي ته رانديگرن ۽ افيشلز کي تڪليف ٿي آهي جنهن تي افسوس آهي غيرمعمولي حالتن ۾ اوچتي صورتحال جي ڪري رانديگرن کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي طرف فاسٽ بالر محمد حسنين سميت 5 رانديگر ۽ آفيشلز ڪراچي ۽ 12 لاهور کان ابوظهبي پهڇي ويا آهن. انهن جو قرنطينا جو مدو پورو ٿيڻ بعد ميچن جو شيڊيول اچڻ جو امڪان آهي.