لوڪ فنڪاره ياسمين عرف نگهت بلوچ جي ڀيڻ تي مبينا تشدد

0
284

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ماروي ٽائون واري علائقي ۾ رهائش پذير لوڪ فنڪاره ياسمين عرف نگهت بلوچ حيدري پنهنجي ڀينرن سان گڏجي علائقي جي بااثر ماڻهن خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته ماروي ٽائون جي بااثر علي حسن ملاح پنهنجي ساٿين سان گڏجي سندن گهر تي چڙهائي ڪئي جنهن دوران هن سندس ننڍي ڀيڻ تي تشدد ڪيو هن چيو ڄاڻايل شخص سان سندن پراڻو تڪرار هلي ٿو جنهن بابت ايس ايس پي آفيس ۾ فيصلو ٿيو جتي ڄاڻايل شخص لکت ۾ معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر ٻيهر هو سندس ڀيڻ کي مبينا طور اغوا جون ڌمڪيون پيو ڏي لوڪ فنڪاره موجب هن واقعي بابت نسيم نگر ٿاڻي تي دانهيو پر پوليس ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ، جڏهن ته پوليس بااثر شخص سان ملي کين حراسان پئي ڪري. هن ايس ايس پي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر شخص خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.