پيپلز پارٽي کي اسلام آباد ۾  3 بدران هڪ ڏينهن جو جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

0
240
هڪ ڏينهن جو جلسو  ڪرڻ جي اجازت
پيپلز پارٽي کي اسلام آباد ۾  3 بدران هڪ ڏينهن جو جلسو  ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

پيپلز پارٽي کي ٽن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب اهو فيصلو پاڪ-آسٽريليا ڪرڪيٽ سيريز سبب ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي 4 مارچ کان راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي

ذريعن موجب پيپلز پارٽي 7 کان 9 مارچ تائين فيض آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري هئي جنهن تي انتظاميا جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي 9 مارچ تي ئي اسلام آباد ۾ جلسو ڪري سگهي ٿي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ باضابطا درخواست جمع ڪرائي وئي آهي

ھي بھ پڙھندا

سليڪٽيڊ وزيراعظم عوامي مارچ ڏسي گهٻرائجي ويو آهي: بلاول