اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزارت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ردوبدل وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، اهڙي واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 119 رپيا 80 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي في ليٽر قيمت ۾ 35 پيسا اضافو ڪرڻ کان پوءِ ان جي نئين قيمت 87 رپيا 49 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت برقرار رکي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 116 رپيا 53 پيسا جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 84 رپيا 67 پيسا في ليٽر هوندي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون اڄ کان 15 آگسٽ تائين لاڳو رهنديون.