ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست ڏيندڙ مولوي اقبال حيدر جي ٻيهر پيش نه ٿيڻ تان سندس درخواست رد ڪري ڇڏي، مولوي اقبال حيدر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته  پيٽرول اگهن ۾ غير قانوني طور واڌ سبب سمورين شين جا اگهه وڌي ويا آھن، پيٽروليم ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ آئين جي آرٽيڪلز 5، 8، 9 ۽ 18 جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي حڪومت آئين موجب معاملا هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ھئي ته وفاقي حڪومت کي مني بجيٽ تي عملدرآمد کان روڪيو وڃي، درخواست ۾ ناڻي واري وزارت، اوگرا، ايف بي آر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو ھو.