سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ سماجي ڪارڪن عبدالحليم چاچڙ پنهنجي وڪيل ايڊو ڪيٽ قربان ملاڻو معرفت  سنڌ ۾ ايراني تيل، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين، گٽڪي سميت غيرملڪي سامان جي اسمگلنگ خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور ڪندي وفاقي وزير گھرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، ڪسٽم، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 3 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آھي. وڪيل مطابق درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ايراني تيل سميت غير ملڪي سامان جي ڏيتي ليتي ڪسٽم سميت لاڳاپيل ادارن جي ڪوتاهي سبب جاري آهي. لاڳاپيل ادارن کي غيرقانوني سامان جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جو پابند بڻايو وڃي.