ٺٽو ( رپورٽر )  ٺٽي شهر ۾ پيئڻ واري پاڻي جي کوٽ خلاف شھرين  معصوم ٻارڙن سميت 12 ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رکندي قومي شاھراہ تي ڌرڻو ھڻي ميونسپل ڪميٽي۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي خلاف زوردار نعريبازي ڪري ڪربلا ڪربلا پاڻي ناهي ڇو بلا جهڙا زور دار نعرا هنيا. اڳواڻن حامد مغل، حيدر عابداڻي، شاهد ممڀائي، خالد ممڀائي، جمشيد قريشي، سيد اسدالله شاهه، دلاور شيخ، عرفان ميرجت، غفار خان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري ميھني ۾ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااھل انتظاميہ جي ٺٽو شهر ۾ پيئڻ واري پاڻي جي فراھمي ڪيتري عرصي کان بند آهي ۽ سندن مسلسل احتجاج به جاري آهي جنهن باوجود به ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميه توڙي ضلعي انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي ھنن چيو تہ هن ڀلاري مهيني ۾ شهري پاڻي جي کوٽ سبب سخت ڏکائين کي منهن ڏي رهيا آهن، جڏھن تہ ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين پاڻي فراھمي مستقل بنيادن تي نٿي ڏني وڃي تيستائين سندن احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.