سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير بابت رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. اکين جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر جي رپورٽ موجب قابض ڀارتي فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن. سروي موجب والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج طرفان فائر ڪيل پيلٽ گنز جي گولين سان 800 جوان ۽ ٻار متاثر ٿيا آهن. ڀارتي فوج جي پيلٽ گنز جي ڪري 80 سيڪڙو متاثر اکين جي نور کان محروم ٿي چڪا آهن.