پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي مليريا، ڊائريا، گيسٽرو ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي شهرين ۽ ڳوٺاڻن سرفراز احمد ٽالپر، مامون ملاح، پيربخش خاصخيلي، علي حسن ملاح، اسلم لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، هنن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، نوٽيس وٺي شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي، صفائي ڪرائي مڇر مار ڦوهارو ڪرايو وڃي.