چونڊڪو: نامعلوم هنڌ تان غلام مصطفيٰ راڄڙ فون ڪري صحافين کي ٻڌايو ته ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال عرب شڪارين جي خاص ماڻهو پرويز احمد سان گڏجي اسانجي گهرن تي چڙهايون ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي ۽ اسانجي ڪکاون گهرن کي باهيون ڏنيون آهن ۽ اسان جا ماڻهو گرفتار ڪري کڻي ويا آهن، ڪجهه به ٿيو ان جا ذميوارعرب شڪاري هوندا. هن چيو ته ٿر جون ڀٽون اسانجي مال جو چارو ۽ ٿر جي سونهن آهن، انهن جي اجاڙ ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين. اسانجي هن جائز مسئلي جو اعلي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.