خورشيد شاهه جي گهر ڀاتين کان علاوه ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ٿي؟: سپريم ڪورٽ

0
247
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فلاحي پلاٽ کي تبديل ڪري خورشيد شاهه جي گهرڀاتين کي زمين ڏيڻ واري نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه پچاڻو ڪيو ته فلاحي پلاٽ کي تبديل ڪنهن ڪيو، سوسائٽي جا ميمبر ڪير هئا، جاچ رپورٽ ۾ هنن جو ذڪر ناهي

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فلاحي پلاٽ کي تبديل ڪري خورشيد شاهه جي گهرڀاتين کي ڏني وئي، پروفيسر سوسائٽي جي ميمبرز بابت رڪارڊ جمع ڪرايون ٿا

ڪيس ۾ شريڪ جوابدار قلب حسن جي وڪيل چيو ته خورشيد شاهه کي ڪيس ۾ ڦاسائڻ لاءِ منهنجي موڪلن جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نيب هن وقت تائين حتمي ريفرنس داخل ناهي ڪرائي، نيب الزامن کانسواءِ ڪو ثبوت فراهم ڪري، جنهن هنڌ پلاٽ وڪرو ڪيا ويا اتي ٻين ماڻهن جا به گهر ٺهيل آهن، خورشيد شاهه جي گهر ڀاتين کان علاوه ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ٿي؟

ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جن ماڻهن فلاحي پلاٽ تي گهر ٺاهيا انهن سڀني جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي

جسٽس منصور علي شاهه نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته فلاحي پلاٽ کي رهائشي پلاٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪهڙي سزا آهي؟، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جواب نه ڏئي سگهيو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته توهان کي خبر ئي ناهي ته ڪهڙي سيڪشن تحت ڪهڙي سزا هوندي آهي