پنو عاقل: تذليل تان تڪرار ۾ ٻيهر قبائلي جهيڙو، ريلوي ٽريڪ بند، موٽروي پوليس به الرٽ

0
500
چورن جي پلاند ۾

پنوعاقل )ن پ ا) چورن جي پلاند ۾ ٻن پورھيتن جي تذليل وارو مامرو، پني عاقل جي سانگي واري علائقي ۾ جتوئي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويو، گوٺ ميھر جتوئي ۾ ڪيترن ئي علائقن کان جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن ڪري ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، ماڻھون گھرن تائين محدود ۽ سانگي پوليس ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي بيٺل آهي، ٻن راھگيرن ارشاد جتوئي، فاريسٽ آفيسر قيوم شيخ سميت کجين جي باغ تي ڪم ڪندڙ ميراڻي برادريءَ جي ھڪ ڄڻي سميت ڪيترن ئي جتوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڌريون ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري رھيون آھن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سانگي ٿاڻي جي حد ۾ ٻڪري چوري جي الزام ۾ جتوئي برادري جي ماڻھن جاگيراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن چورن کي پڪڙي تذليل جو نشانو بڻايو ھو، پلاند ۾ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن قومي شاهراهه تي وين بيھاري ڊرائيور نظير جتوئي ۽ ڪلينر عبيد جتوئي کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ تذليل جو نشانو بڻائي ويڊيو سوشل ميڊيا تي لائيو ھلائي ڇڏي ھئي، ھڪ ٻئي جي تذليلن کانپوءِ ٻئي ڌريون ھٿيارن سان ويڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندا رھيا.
جتوئي برادري جي ماڻهن سانگي ريلوي ٽريڪ تي چڙهي فائرنگ ڪرڻ سبب ريلوي انتظاميه پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي عوامي ايڪسپريس ٽرين، مال گاڏي ۽ مهيسرو ويجهو ڪراچي ايڪسپريس ٽرين کي روڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مسافر سخت پريشان ٿي ويا، ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته فائرنگ بند ٿيڻ کانپوءِ مسافر ٽرينن کي منزل طرف روانو ڪيو ويندو، سانگي پوليس چيو آهي ته ٻنهين ڌرين کان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي سکر کان اي پي سي گاڏي گهرائي وئي وئي آهي جيڪا ريلوي ٽريڪ کي هٿياربندن کان خالي ڪرائيندي.